Add Poetry

زندگيءَ جي ڄارِ ۾ ڪيئي خوشيون

Poet: شيخ اياز By: Umair Khan, Hyderabad
Zindagi E Ji Jar Mein Kai Khushiyon

زندگيءَ جي ڄارِ ۾ ڪيئي خوشيون
اوچتو آيون، نچيون، تڙڦي مُيون،
ڪيتريون پياريون هُيون!

اُن ڪري ئي آهه پياري ڪائنات
ڇو ته رهڻي ناهه هت ڪنهن جي ذات
آهه هر شيءِ بي ثبات

هي سبب ناهي ته گهارين رنج ۾
ڳول هيرا هر ڳهڙيءَ جي گنج ۾
آءُ منهنجي هنج ۾

Rate it:
Views: 1953
27 Jan, 2021
More Shaikh Ayaz Poetry
Popular Poetries
View More Poetries
Famous Poets
View More Poets