Add Poetry

هي دِل اسان جي دادلي آ

Poet: احسن فیاض By: Ahsin Fayaz, Badin

وِڇڙيل وَڳر کان مگر هُون، هي دِل اسان جي دادلي آ
نہ رول راڻا ائين تون، هي دِل اسان جي دادلي آ

نہ ڪر تون ناز نيڻن سان نہ تون حياتي ويڙھ وارن سان
نہ تون ارپ ايڏيون يادون هي دِل اسان جي دادلي آ

ائين بہ نہ آهي اڃان ويس اَبَر جا ناهن اسان اوڍيا
چري چاڪ چوري پيا چئون هي دِل اسان جي دادلي آ

نہ ٿي دل گهري وري هاڻي ڪو وقت اٿاريون ننڊ ماضي مان
رنجائي هي دل ڪئين ملون هي دِل اسان جي دادلي آ

ٽُٽل ڪنهن وَڳ کان آهيون رُٺل ڄڻ ھِن جڳ کان آهيون
دَهَرِ دِل ۾ پيا رهون هي دِل اسان جي دادلي آ

ڏُک سندا ڏَڍَ بہ هِن سان يار ويڄ سندا وَڍَ بہ هِن سان
تنهن سان رُئون کلون هي دِل اسان جي دادلي آ

لَهي ڪنهن يادِ ماضي ۾ وڃون اڏريو عَدم ڏي اسان
وري موٽي ٿا احسِن اچون هي دِل اسان جي دادلي آ

Rate it:
Views: 3269
21 Jul, 2021
Related Tags on Sindhi Poetry
Load More Tags
More Sindhi Poetry
Popular Poetries
View More Poetries
Famous Poets
View More Poets