Add Poetry

مهڪندڙ گل ڦل هوا ۽ چاندني

Poet: Sajjad Yousif By: Sajjad Yousif, Dadu, Sindh

مهڪندڙ گل ڦل هوا ۽ چاندني
چيٽ جون راتيون چڙا ۽ چاندني

سمنڊ لهرون شور برپا جابجا
سونهن سوڀيا معجزا ۽ چاندني

بند ڪمرو ڪينواسن جو هجوم،
شعبدو-مصور ڪلا ۽ چاندني.

ياد ڪنهنجي دل ڳهيليءَ تي هُري،
اک ڀِنيءَ جي انتها ۽ چاندني.

ذهن کي احساس پاران سوکڙي،
شاعري وکريل پنا ۽ چاندني.

تو ڏنا بوسا ڳلن ۽ چَپ تي،
اُڀ تان تارا لٿا ۽ چاندني.

وقت واريءَ جيان هٿن مان ويو ڇڻي،
بس بچون يادون، اسان ۽ چاندني.
 

Rate it:
Views: 2776
08 Sep, 2021
Related Tags on Sindhi Poetry
Load More Tags
More Sindhi Poetry
Popular Poetries
View More Poetries
Famous Poets
View More Poets