خوشبو ھوائن ۾ سدا راڄ ڪنديون
محبتن جا ميلا بہ لڳندا تہ رھندا
سندر خواب پنھنجا اَمنَ لاء لٽايو
حُسن سان دلين جي ڌَڙڪن کي چمڪايو,
اھو عِشق نقطو اسان کي سُڻايو
جبل بہ جھانگيا , پربت بہ ناپيا
اھوائن جي دوش تي پنھنجا ٻيڙا رکو
سفر زندگي جو جيڪو بہ بچيو آ
ڇڏي زندگي جا مزا, جھنگل تانيو
اھو عِشق نقطو اسان کي سُڻايو
صليبن جون سختيون ڄڻ گلن جي ورکا
مليل ڦاھيون ڄڻ تہ ڳيچيء جو ھار بڻنيون
اڙري مقتل ڇو تون ۾ مھڪار آھي
قيدخانن کي صبر جو امتحان ٺاھيو
اھو عِشق نقطو اسان کي سُڻايو
عذابن سان انسان سَنگسار ٿيندا
ختم نفرتن جا تہ نہ اظھار ٿيندا
حياتي کي درددن جا درمان ٿيندا
پرواني جيان پنھنجي رفاقت وڌايو
اھو عِشق نقطو اسان کي سُڻايو