لَهرِيُن ليکو ناهِ ڪو، جِتِ ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا؛
آڇاڙا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا؛
اُٿِي اَسارا! وِيرِ وِڙَهنديءِ ويسِرا!
2
ڪالھ وِڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جَهازَ؛
تُنهنجِي اَڄُ تَرازَ، آهي آرَ اَکِيُنِ ۾.
3
مُلاحِظو مَهراڻَ جو، مُورِ مَ لاهِ مَناءُ؛
سامُونڊِي! سَنڀالِ ڪِي! سُمَهڻَ آيُءِ ساءُ؛
جاڳِي جَرَ مَٿاءُ، تاري وانءُ تَرازَ کي.
4
تاري وانءُ تَرازَ کي، مَنجھان مَوجَ، مَلاحَ!
دانهُون ڪَنِ درياهَ جون، اُونهي جا آگاهَ؛
سُونهَنِ جي صَلاحَ، وَٺُ ته وِيرِ لَنگھي وَڃِين.
5
سُونهان سَڌِيون ڏِينِ، هِنَ ديواني درياهَ جون؛
ڪُوڙَ اوڏائِي ڪِينَ ڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ؛
عِجِزَ جي اَڌَ راتِ کي، وَکـَرُ وِهائِين؛
ساٿُ نِباهِيو نِينِ، ثابِتُ اِنهِيءَ سِيرَ مان.
6
قَرڦُلَ ڦوٽا، پارچا، پاڻِيَٺَ پاتائُون؛
ڪوٺـيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُون؛
لاڄُنِ مَنجھ، لَطِيفُ چئي، ٻِيڙا ٻَڌائُون؛
نَذرُ نَبِيءَ ڄامَ جو، چَڙَهندي چَيائُون؛
جي ڇُوهي ڇوڙيائُون، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَھ سين!
7
وِچينءَ جان ويهِي، جَرَ پَلؤ پائِيان؛
”تَڙِ ٻيڙا! گَھرِ سُپِرِين!“ اُوسَہِ اِيَ پيئِي؛
جِئن وَڻِجارو سين وَکَرين، سَرَها سَڀيئِي؛
حُرمَتَ ساڻُ حَبِيبَ جي، سُونگِيا نه سيئِي؛
پاڻَهِين اُوُءِ پيهِي، کَنڊَ کيڙائُو آئِيا.