Add Poetry

سانوَڻَ ڪيئن اَڪيلو آئين، ساجن کي به ته آڻِ

Poet: شيخ اياز By: Dua Nasir, Sialkot
Saanwan Kain Akilo Aaein Sajan Ki Beh Te Aan

سانوَڻَ! ڪيئن اَڪيلو آئين، ساجن کي به ته آڻِ!
ساجن کي به ته آڻِ!
موتئي جي مهڪارَ هوا ۾، سارَ ڀَري سُرهاڻ!
ساجن کي به ته آڻِ!
برکا رُت جي باکَ ڦُثيءَ ۾!، لَڳَهه لَڳَهه لالاڻ
ساجن کي به ته آڻِ!
بادل ٿي سَوَا سانگَ رچايان، آءُ به ڪنهن جي ڪاڻِ
ساجن کي به ته آڻِ!

Rate it:
Views: 1849
27 Jan, 2021
More Shaikh Ayaz Poetry
Popular Poetries
View More Poetries
Famous Poets
View More Poets