Add Poetry

ٻي خبر ناهه، پر مرڻ کان پوءِ

Poet: شيخ اياز By: Anila, Islamabad
Pee Khabar Naah Par Mart Kaan Poo E

ٻي خبر ناهه، پر مرڻ کان پوءِ،
توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون،

جام و مينا رَهي، رَهي نه رَهي،
منهنجي اکڙين جون عادتون رهنديون!

زندگي تلخ آ، هُجي ته هجي،
روح ۾ سَوَ ملاحتون رهنديون!

سرحدِ غم قريب آ اي دوست!
ساٿ ڪيسين محبتون رهنديون.

تنهنجي پهلوءَ ۾ ڪيستائين دوست!
ابنِ آدم جون جنتون رهنديون!

شاھه ڪان پوءِ اي اياز ٻڌاءِ!
سنڌ ۾ ڪنهن جون آيتون رهنديون!

Rate it:
Views: 3272
27 Jan, 2021
More Shaikh Ayaz Poetry
Popular Poetries
View More Poetries
Famous Poets
View More Poets