تو پُڄاڻان پرين ھر خوشي قھرام ٿي ويئي
سڄڻ زندگي ساري ڄڻ تہ نيلام ٿي ويئي
ڏس تون غور سان سُھڻا حياتي ٻُور ڇاڻي پئي
ويئى چاندي وَھي وارن ۾ جدائي اختتام ٿي ويئي
اَسيري اسان کي آ ارپي ويئي وِڇڙڻ جي موسم
نِينڍ نياپا ڇِنا ننڊ نيڻن لاءِ حرام ٿي ويئي
ڏٺو ھُن وينگس ھڪ وار جڏهن مُرڪي مونڏي
هي دل اهڙي، سجايل ڪُنوار جهڙي، غلام ٿي ويئي
آ خون جي خوشبوء سُتل سنڌ تنهنجي سيني تي
ڪُڏي جا ڪَڇ تنهنجي تي سراپا احترام ٿي ويئي
تون مُرڪئين تہ ڪا شبنم سندءِ باک مِهڪي پئي
تنهنجي خاموش ٿيڻ تي ڄڻ شام ٿي ويئي
پُڄي پرديس پيار کي ڏٺو اکڙين غير سان گڏ
هل واپس هلون احسِن چيائون جام ٿي ويئي