ايندي آ ياد صورتِ جانان ڪڏهن ڪڏهن
Poet: شيخ اياز By: Sohaim, Peshawar
ايندي آ ياد صورتِ جانان ڪڏهن ڪڏهن
ٿيندي آ منهنجي دل به گلستان ڪڏهن ڪڏهن
More Shaikh Ayaz Poetry
سانوَڻَ ڪيئن اَڪيلو آئين، ساجن کي به ته آڻِ سانوَڻَ! ڪيئن اَڪيلو آئين، ساجن کي به ته آڻِ!
ساجن کي به ته آڻِ!
موتئي جي مهڪارَ هوا ۾، سارَ ڀَري سُرهاڻ!
ساجن کي به ته آڻِ!
برکا رُت جي باکَ ڦُثيءَ ۾!، لَڳَهه لَڳَهه لالاڻ
ساجن کي به ته آڻِ!
بادل ٿي سَوَا سانگَ رچايان، آءُ به ڪنهن جي ڪاڻِ
ساجن کي به ته آڻِ!
ساجن کي به ته آڻِ!
موتئي جي مهڪارَ هوا ۾، سارَ ڀَري سُرهاڻ!
ساجن کي به ته آڻِ!
برکا رُت جي باکَ ڦُثيءَ ۾!، لَڳَهه لَڳَهه لالاڻ
ساجن کي به ته آڻِ!
بادل ٿي سَوَا سانگَ رچايان، آءُ به ڪنهن جي ڪاڻِ
ساجن کي به ته آڻِ!
Dua Nasir
ٻي خبر ناهه، پر مرڻ کان پوءِ ٻي خبر ناهه، پر مرڻ کان پوءِ،
توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون،
جام و مينا رَهي، رَهي نه رَهي،
منهنجي اکڙين جون عادتون رهنديون!
زندگي تلخ آ، هُجي ته هجي،
روح ۾ سَوَ ملاحتون رهنديون!
سرحدِ غم قريب آ اي دوست!
ساٿ ڪيسين محبتون رهنديون.
تنهنجي پهلوءَ ۾ ڪيستائين دوست!
ابنِ آدم جون جنتون رهنديون!
شاھه ڪان پوءِ اي اياز ٻڌاءِ!
سنڌ ۾ ڪنهن جون آيتون رهنديون!
توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون،
جام و مينا رَهي، رَهي نه رَهي،
منهنجي اکڙين جون عادتون رهنديون!
زندگي تلخ آ، هُجي ته هجي،
روح ۾ سَوَ ملاحتون رهنديون!
سرحدِ غم قريب آ اي دوست!
ساٿ ڪيسين محبتون رهنديون.
تنهنجي پهلوءَ ۾ ڪيستائين دوست!
ابنِ آدم جون جنتون رهنديون!
شاھه ڪان پوءِ اي اياز ٻڌاءِ!
سنڌ ۾ ڪنهن جون آيتون رهنديون!
Anila






