زندگيءَ جي ڄارِ ۾ ڪيئي خوشيون اوچتو آيون، نچيون، تڙڦي مُيون، ڪيتريون پياريون هُيون! اُن ڪري ئي آهه پياري ڪائنات ڇو ته رهڻي ناهه هت ڪنهن جي ذات آهه هر شيءِ بي ثبات هي سبب ناهي ته گهارين رنج ۾ ڳول هيرا هر ڳهڙيءَ جي گنج ۾ آءُ منهنجي هنج ۾