Add Poetry

صدما سارون جئین ھنئین ۾

Poet: احسن فیاض By: Ahsin Fayaz, Badin

صدما سارون جئین ھنئین ۾
تون بہ آھین تئین ھنئین ۾

پیري تنھنجي دار ۾ لھندي
جوڀن جا ڪي ڏینھن ھنئین ۾

ڌاري دنیا ۾ ھڪ تون سائین
جان جیاپي جئین ھنئین ۾

پیاسي ڌرتي جئین ڏار ھڻي ٿي
ضربون ضربون ائین ھنئین ۾

من ۾ لھي ڪا دنیا ڊاٺئین
لٿي تہ الاھي ڪئین ھنئین ۾

ٽٽندي ٽٽندي ڪیڏو تہ رنا پئي
ننڍي لاء جا نینھن ھنئین ۾

دل جي ڌرتي اڃ مري ٿي
پیاسو پیاسو مینھن ھنئین ۾

تو جي وڃڻ لاء وار سنواریا
رھي تون پیارا پئین ھنئین ۾

Rate it:
Views: 1550
10 Oct, 2021
Related Tags on Sindhi Poetry
Load More Tags
More Sindhi Poetry
Popular Poetries
View More Poetries
Famous Poets
View More Poets